ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي سنڌ يونيورسٽي ، لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن  اٽلي جي ماهرن جي ٽيم  سنڌ آرڪيالوجي کاتي جي عملدارن سان گڏجي کوٽائي جو ڇوٿون مرحلو شروع ڪري ڏنو آهي. کوٽائي دوران انساني ڍانچو هٿ آيو آهي جنهن بعد وڌيڪ نواردات هٿ اچڻ جا امڪان آهن. انهي موقعي انجي فيزارو، سميٿا لون سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد نديم بوزدار آرڪيالوجي ڊپارنمنٽ جي هيڊ ميڊيم زاهده قادري چيو ته ھلندڙ سال جي پهرين کوٽائي دوران جانورن جا سڱ، پتل جا سڪا ، مٽي جا رانديڪا ۽ جانورن جا هڏا ۽ ٻيو نوادرات سميت هڪ 80 ڪلو وزني ڊرم هٿ آيو جنهن تي اڃان تحقيق جاري آھي 17 ڊسمبر تائين کوٽائي جو عمل جاري رهندو کوٽائي دوران ئي خبر پئجي سگهي ٿي ته ڪيترو قديمي شهر آھي. ان مان ملندڙ نوردات ڪيترا پراڻا آھن. ان کي ڪئين محفوظ ڪري تاريخي ميوزيمن ۾ حفاظتي طور تي سنڀالي رکي سگهجي.