ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) سنڌ جي تاريخي ۽ اڳوڻي گادي واري شهر ٺٽي ۾ ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ڪري گذريل 2 مهينن کان صفائي ناهي ٿي سگهي جنهن ڪري هر پاسي گندگي جا ڍير آهن ۽ گٽر اٿلي يپا آهن. شهر جي ٻن ڪلوميٽر تي مشتمل ڊگھي شاهي بازار سميت شهر جي 9 ئي وارڊن ۾ صفائي جي ناقص انتظامن جي هجڻ ڪري وڌنڌڙ گندگي ۽ ان جي گدلاڻ سبب پکڙجندڙ غلاظتن سبب هتان جي رهاڪو پوڻا ٻه لک شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي جڏهن ته گذريل ٻن مهين کان جمع ٿيل گند جي وڌنڌڙ ڍيرن توڙي معمول جيان روز جي وهندڙ ڪني گٽرن جي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهر اندر نه رڳو واپارين جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آهي پر شهر جي شاهي بازار سميت ان جي مختلف چوڪن شيخ فريد چوڪ ، اوجھري چوڪ ، ڦولن بازار، صرافه بازار ، مڇي ، گوشت مارڪيٽ ، سبزي مارڪيٽ ک چاندني چوڪ ، مائي قدم مسجد سميت سمورر شهر ان جي شاهي بازار گندن جي ڍيرن سان ٿرجي وڃڻ ڪري سياحن سان گڏ ضلعي جي مختلف رهاڪن پڻ ٺٽي شهر اچڻ ڇڏي ڏنو آهي  ٻئي طرف پوڻا ٻه لک آبادي واري شهر ٺٽي جي 9 ئي وارڊن جي مختلف پاڙن شاھ ڪمال، شڪرالاهي پاڙو ، ڪاشيگر پاڙو ،  اسلامپور پاڙو ، پلنگ پاڙو، بخاري پاڙو ، شاھ مبين پاڙو ، مسڻ پاڙو ، آگر پاڙو، مخدوم محلو، لاسي پاڙو ، بلوچ پاڙو ، شيرازي پاڙو ، آمري اسٽاپ ، ايڌي روڊ ، ڊاڪٽر گلي ، کير بازار ، شيخ پاڙو ، ڀٽواڻو پاڙو ، ميمڻ پاڙو ، لوهار گهٽي ، اميرخاني محلو ، کتري پاڙو ، شاڪراڻي پاڙو ، سرائي گھٽي ، هالو پاڙو ۽ شهر جي مک  مسجدن ۽ درگاهن ، تاريخي بادشاهي مسجد شاهجھان مسجد ، مائي قدم مسجد ، خضر حيات مسجد ، شاهه مسڪين درهگاه ۽ مسجد ، شاهه ڪمال درگاهه ۽ مسجد ، درگاهه شاهه ابراهيم مسجد سميت شهر جي مڙني پاڙن ۾ پڻ گذريل ٻن مهينن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري جمع گند جي ڍيرن سبب گندگيءَ جو آزار وڌي ويوآهي جڏهن وڌنڌڙ گندگي جي آزار سبب شهرين ۽ نمازين جو مسجدن ۽ اسڪول ويندڙ معصوم ٻارڙن سان گڏ درگاهن جي زائرين کي پڻ سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ، جڏهن ته شهر ۾ گڏ ٿيل گندگي جي ڍيرن ۽ ڪني بدبودار گٽرن جي ڪني پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري پڻ گدلاڻ سبب وڌنڌڙ غلاظتن ڪري وڏي پئماني تي مڇر جي وڌڻ سان گڏ مليريا جي عام ٿيڻ سميت ڪيترين ئي موذي بيمارين ساهه جي بيماري ، پيٽ جي بيماري ، چمڙي جي بيماري ، دست الٽي جي عام ٿيڻ ڪري هزارن جي تعداد ۾ ٻارڙا ، عورتون ، مرد ۽ وڏي عمر جا رهاڪو بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آهن ، هوڏانهن شهر ۾ وڌنڌڙ گندگي جي آزار تي هتان جي شهرين جاويد غني ميمڻ ، زبير ميمڻ ، نويد ميمڻ ، ۽ ٻين شهرين شديد رد عمل ظاهر ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاھ  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي قديمي تاريخي شهر ٺٽي جي صفائي واري نظام کي فوري بهتر بڻائي شهر ۽ ان جي مڙني وارڊن مان گند ڪچري جي صفائي جو جوڳو بندوبست ڪري  نمازين ۽ شهرين سميت واپارين کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪري گندگي مان نجات ڏياري وڃي.