تارن جي قطار ھئي يا ٻيو ڪجھه؟

0
108
تارن جي قطار ھئي يا ٻيو ڪجھه؟

 آچر جي شام جو آسمان ۾ نظر ايندڙ تارن جي قطار ھئي يا ٻيو ڪجھه؟ اھا ڪا تارن جي قطار نه پر ھٿرادو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن کي خلا ۾ موڪليو پئي ويو. ھن سموري پروگرام يا منصوبي جو نالو اسٽارلنڪ (Starlink) آھي.

اسٽار لنڪ ڇا آھي؟ اھو ھڪ تمام وڏي ھٿرادو اُپگرھن جو نظام آھي جنھن جو مقصد ڌرتيءِ جي ڏورانھن وارن ھنڌن کي تيز رفتار انٽرنيٽ سروس مھيا ڪرڻ آھي.

ھن نظام کي ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپئس ايڪس (SpaceX) 2015ع ۾ تيار ۽ تعمير ڪيو آھي. ھٿراڌو اُپگرھن کي ميڙن جي شڪل ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ تائين 13 ميڙ موڪليا ويا آھن ۽ ھاڻي ڪيترائي شمسي توانائي سان ھلندڙ ھٿراڌو اُپگرھ ڌرتيءِ جي چوڌاري چڪر لڳائي رھيا آھن.

اسپئس ايڪس جو منصوبو آھي ته 12000 ھٿراڌو اُپگرھن کي خلا ۾ موڪليو وڃي جن جي تعداد اڳتي ھلي ڪري 42000 تائين وڌايو ويندو.

17 جون 2022ع تي اسپئس ايڪس 53 ھٿراڌو اُپگرھن جي 48 سيريز کي فالڪن 9 راڪيٽ جي مدد سان خلا ۾ موڪليو. ھاڻي اسٽارلنڪ ھٿراڌو اُپگرھن جي ڪُل تعداد 2706 تائين پھچي چڪي آھي.

ڊاڪٽر يوسف سومرو

انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو