بشڪيڪ(م ڊ) جنگبندي باوجود ڪرغيزستان ۽ تاجڪستان جي فوجين وچ ۾ جاري سرحدي چڪرين ۾ گڏيل طور تي 24 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرغيزستان ۽ تاجڪستان جي سرحد تي چڪرين جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب سرحدي علائقن مان شهرين کي پنهنجو گهر ۽ مال متاع  ڇڏي محفوظ هنڌ تي منتقل ٿيڻو پيو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي باوجود سرحدن تي چڪرين ۾ مارجي ويلن جو انگ گڏيل طور 24 ٿي وئي آهي جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي آهن، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ شهري پڻ شامل آهن.