لنڊن: برطانيا جي شاهه چارلس جي حلف برداري جي موقعي تي ڪنٽربري جي آرچ بشپ جسٽن ويلبي خطبو ڏنو جنهن ۾ هن بادشاهه کي خدا جو نمائندو قرار ڏنو. هن چيو ته اسان سڀ هتي تاجپوشي لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته جيئن هو خدمت ڪري سگهي. هن چيو ته جيڪو اڄ ڏنو ويو آهي اهو سڀني جي ڪاميابي آهي، حضرت عيسيٰ اعلان ڪيو هو ته بادشاهت ۾ غريب ۽ هيڻا ماڻهو ناانصافين جي سمورين زنجيرن کان آجا آهن نابين ڏسي سگهندا، دل ٽٽل ۽ مايوس ماڻهو بادشاهت ۾ سڪون حاصل ڪندا اهو درست حڪومت جو مقصد ۽ سمورو اختيار ڏئي ٿو. بادشاهت ۾ سموري حڪومت ۽ اختيار جا معاملا سمايل آهن. حضرت عيسيٰ ڪنهن جي حيثيت سان ٻڌل ناهي. هن چيو ته بادشاهن جي بادشاهه يسوح مسيح کي بادشاهت پنهنجي خدمت ڪرائڻ لاءِ نه پر خدمت ڪرڻ لاءِ ڏني وئي هئي. هن سٺي اختيار جو قانون تيار ڪيو ته جيئن اختيار سان گڏ خدمت ڪرڻ جي ڊيوٽي ملي. پيار جو نالو خدمت آهي. اسان ڪمزور ماڻهن جي تحفظ لاءِ پيار ڏسنداسون، جيئن اسان پنهنجي ننڍن کي قدرتي دنيا سان ڳالهائڻ لاءِ همٿائيندا آهيون.