بيجنگ(م ڊ) چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو سڀ کان وڏو اجلاس شروع ٿي ويو آهي صدر شي جن پنگ خطاب ڪندي چيو آهي ته تائيوان جي تڪرار جو حل چيني عوام تي ڀاڙي ٿو ۽ اسان ان جي پرامن حل لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين پر طاقي جي استعمال واري حق کان ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين. هن چيو ته اسان هميشه تائيوان جي عوام جو احترام ڪيو، انهن جو خيال رکيو ۽ انهن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ تائيوان نار ۾ معاشي ۽ ثقافتي قدرن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته تائيوان جي تڪرار کي حل ڪرڻ چيني عوام جي پنهنجي ذميواري ۽ حق آهي ۽ ان جو فيصلو چيني عوام پاڻ ڪندو. اسان انتهايئ خولس ۽ مخلصاڻين ڪوششن سان پرامن نموني ٻيهر گڏ ٿيڻ جي امڪانن جي ڪوششن تي اصرار ڪريون ٿا پر اسان طاقت استعمال ڪرڻ کي ڇڏڻ جو واعدو نه ڪنداسين ۽ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو اختيار محفوظ رکنداسين. ان آپشن جي کليل رکڻ جو مقصد ٻاهرين طاقتن جي مداخلت ۽ تائيوان جي آزادي جي چند حامين تائيوان جي عوام جي اڪثريت طرف آهي. هن چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ قومي جذبي جي ورجاءُ جو تاريخي ڦيٿو اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ مادر وطن جو مڪمل اتحاد ٻيهر حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو اهو تمام اهم اجلاس آهي جيڪو 10 سالن ۾ رڳو ٻه ڀيرا ٿيندو آهي جنهن ۾ مستقبل جي پارٽي قيادت بابت به اهم فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ حڪومت جي معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو آهي.