بگ باس 15 ۾ ڀانوشالي هفتي جا 11 لک ۽ افسانا خان ۽ تيجسوي 10 لک رپيا وصول ڪرڻ لڳا

0
230

ممبئي(شوبز نيوز) لڳ ڀڳ ڏيڍ هفتو اڳ ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي 15 هين سيزن جا سوشل ميڊيا تي تبصرا شروع ٿي ويا آهن. اداڪار سمبا ناگپال بگ باس جي 15هين سيزن جي هر هفتي جا هڪ لک ڀارتي رپيا وصول ڪري رهيو آهي.بگ باس جي گهر ۾ ڀارتي فلم اداڪار وشال ڪوٽيان جي وي لاگنگ کي بي انتها پسند ڪيو پيو وڃي.ٻئي پاسي ايشان ۽ مائيشا جي وچ ۾ وڌندڙ دوستي به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.ايشان، مائيشا اور وشال هر هفتي جا 2 لک رپيا وصول ڪري رهي رهيا آهن.

بگ باس جي هلندڙ سيزن ۾ سڀني کان مٿي هلندڙ پرتيڪ ۽ پنهنجي ذهن سان کيڏندڙ نشانت هر هفتي ۾ 2 لک رپيا وصول ڪري رهيا آهن.بگ باس جي سيزن 13 ۾ مشهوري ماڻيندڙ عاصم رياض جو ڀاءُ عمر رياض هڪ هفتي جا 3 لک ڀارتي رپيا وصول ڪري ٿو.ڀارتي ٽيلي ويزن جي ناليواري ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ واري اداڪارا وڍي پانڊيا کي شو ۾ گهڻو پنسد ڪيو پيو وڃي.وِڌي طرفان مداح بگ باس جي گهر ۾ اٿاريل مسئلن کي به ساراهيو پيو وڃي.ڀارتي ميڊيا موجب وڌي هڪ هفتي جا 4 لک رپيا وصول ڪري رهي آهي.گهر ۾ لڳاتار جاءِ ٺاهيندڙ ۽ گهر وارن سان گڏجي سڏجي رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري ڊونل هڪ هفتي جا 4 لک ڀارتي رپيا وصول ڪري رهي آهي.

ناليواري اداڪارا آڪاسا سنگهه کي هڪ هفتي جا 5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.اداڪارا شلپا شيٽي جي ڀيڻ شميتا شيٽي جنهن تازو ئي بگ باس او ٽي ٽي ۾ شرڪت ڪئي آهي رپورٽن موجب شميتا کي هڪ هفتي جا 5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.بگ باس 15 ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور اداڪار ڪرن ڪندرا هڪ هفتي جا 8 لک رپيا وصول ڪري رهيو آهي.چنچل ۽ شوخ اداڪارا تيجسوي پرڪاش جنهن کي خطرون ڪي کلاڙي ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو، بگ باس جي 15 هين سيزن ۾ پنهنجا جلوا ڏيکاري رهي آهي.تيجسوي هڪ هفتي جا 10 لک رپيا ڀارتي رپيا وٺي رهي آهي.مشهور گاني تتليان جي گلوڪارا افسانا خان هڪ هفتي جا 10 لک رپيا وصول ڪري رهي آهي.بگ باس سيزن 15 جي گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ پيسا وٺندڙ اداڪار ۽ ميزبان جي ڀانوشالي آهي جنهن کي هڪ هفتي جا 11 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.