بڪيراشريف (ن پ ا) ڳوٺ الله بخش جروار جي رهواسي زميندار وليداد جروار بڪيرا شريف ٿاڻي جي اي ايس آءِ ۽ منشيات فروشن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين ڪجھه ماڻهن منهنجي زمين  تي هلان ڪري هاري کي مارڪٽ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جو بروقت علاج ڪرائي بڪيراشريف ٿاڻي تي جوابدارن خان برفت حاجن برفت ۽ ڪمال برفت جيڪي منشيات جي وڪرو ۾ ملوث آهن انهن خلاف ايف آئي آر داخل ٿيل آهي جنهن جي پٺڀرائي پوليس اي ايس آئي هاشم بهراڻي ڪري رهيو آهي جيڪو ٿاڻي کان وٺي ڪورٽ سڳوري تائين جوابدارن جون ضمانتون ڪرائڻ تائين گڏ آهي ڊي آءِ جي ۽  آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿو ڪريان ته اي ايس آئي خلاف سخت قانوني ڪئي وڃي.