بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ اوڀايو ملاح جي عورتن شبنم ملاح حميرا ملاح، سلمان ملاح، ليلا ملاح، مربت ملاح، سڪينا ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت مختلف جواز ڄاڻائي اسان جا بي آئي ايس پي ايندڙ رقم بند ڪري ڇڏي آهي، هڪ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڳوٺ ۾ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن گذريل ٻن مهينن کان نه حڪومت سار لڏي آهي نه چونڊيل نمائندن اسان جي ڳوٺ ۾ 50 کان وڌيڪ مستحق عورتن جا پئسا حڪومت بند ڪري ڇڏيا آهن جن جو درخواستون پڻ بي آئي ايس پي ٽنڊوالهيار جي آفيس ۾ جمع ڪرائڻ باوجود به ڪنهن به عورت جا پئيسه بحال ناهن ٿيا، اسان غريب مسڪين آھيون گهر ڪري پيا آهن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن اسان ڊي سي ٽنڊوالهيار وزير اعلئ سنڌ ۽ ويزاعظم پاڪستان کان گهر ڪئي ته اسان جي بند ٿيل رقم بحال ڪئي وڃي.