بڪيرا شريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي ۾ اڻ رجسٽر ميڊيڪل اسٽور تي پراونشل ميڊيڪل ڊرگ ٽيم ڇاپا هنيا، جڏهن ته موسئ خان پتافي ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپي دوران سنڌ حڪومت جي ٺپي وارو گوريون ميڊيڪل اسٽور تان مليون، جڏهن ته ٽيم بڪيراشريف پهتي ته غير قانوني هلندڙ  ميڊيڪل اسٽور مالڪ تالا لڳائي ڀڄي ويا. بڪيراشريف ۾ ڊرگس جي ٽيم هڪ ميڊيڪل اسٽور تان ڪيتريون ئي غير معياري دوائون هٿ ڪري ورتيون.