بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيرا شريف ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري 6 ڪلينڪ سيل ڪري ڇڏيون . ٽيم جا ڇاپا لڳڻ دوران ڪيترائي  ڊاڪٽر ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويا. ڪجهه عطائي ڊاڪٽرن مريضن کي ڊپ لڳائي فرار ٿي ويا. جنهن ڪري مريض سخت پريشان رهيا. هيلٿ ڪئير ڪميشن جي ميڊيڪل ايڪسپورٽ ڊاڪٽر عبدالستار نظاماڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مير خادم حسين ٽالپر پاران سيل ڪيل ڪلينڪن ۾ بالام ڀيل، ڄمون ميگھواڙ، شيوو ڀيل، ٻيجل ۽ ڪرشن ڀيل جون ڪلينڪ شامل آهن. سيل ٿيل ڪلينڪ جا ليٽر بڪيراشريف پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جنھن به سيل ٿيل ڪلينڪ جا تالا غير قانوني کوليا ويا ته انهي ليٽر مطابق ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.