بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾ بلدياتي اليڪشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ پهچي ويون آهن،  اميدوارن پاران ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي، يونين ڪائونسل بڪيراشريف ۾ آزاد راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ آفتاب احمد کوکر، غلام مجتبيٰ کوکر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي درگاھ قلندر قائم الدين قريشي تي پهچي حاضري ڀرڻ بعد   شهر جو گشت ڪندي کوکر پيٽرول پمپ تي پهتي جتي، جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي آفتاب کوکر چيو ته گذريل 15 سالن کان جيڪا سنڌ ۾ تبديلي آئي آهي ان کان ماڻهو ماڻهو واقف آهن، روٽي ڪپڙا اور مڪان جا نعرا هڻڻ وارا ڏکئي وقت ۾ عوام کي وساري  ڇڏيندا آهن، عوام 15 جنوري تي اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي.