بڪيراشريف (ن پ ا)  بڪيراشريف ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران   باغي ڪالرو،  وقار بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته  ضلعي انتظاميه علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،  ٻوڏ متاثر خاندانن جي ڪيمپن ۾ کاڌ خوارڪ جي شديد کوٽ آهي معصوم ٻارڙا چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.