ڇاڇرو (ن پ ا) بک بڇڙو ٽول، ڇاڇرو ۾ ٻچن کي بکيو ڏسي پورهيت ذهني تواز وڃائي ويٺو، خاندان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳو، ٻارن جي امڙ جو چوڻ آهي ته کين ڪڏهن بک تي سماريندي آهيان ته ڪڏهن ڪاٺيون وڪرو ڪري چانور وٺي پيٽ جا باهه اجهائيندا آهيون، خبر موجب شهر جي بجير پاڙي جو رهواسي پورهيت قائم بجير غربت، بک ۽ بدحالي سبب دماغي توازن وڃائي ويٺو، جنهن ڪري گذريل ٽن سالن کان بستري تي پيل آهي، غربت سبب سندس گهرواري ۽ 5 معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پورهيت جي گهر واري مهالان بجير ٻڌايو ته مڙس بيمار آهي ۽ گهر ۾ ٻيو ڪو به ڪمائڻ وارو ناهي، جنهن سبب زندگي انتهائي مشڪل گذري رهي آهي، هن چيو ته جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندي آهيان، ڪڏهن ڪاٺيون وڪرو ٿينديون آهن ته ڪڏهن نه ٿينديون آهن، اٽو مهانگو ٿيڻ سبب خريدڻ جي پهچ کان چڙهي ويو آهي، 50 يا سئو روپين جا چانور خريد ڪري پاڻي سان پچائي ٻارن کي کارائيندي آهيان، ڪڏهن مزدوري نه ملندي آهي ته ٻارن کي بک تي سماري ڇڏيندي آهيان، ٻچا پالڻ لاءِ انتهائي پريشان آهيون، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته سندن سهائتا ڪئي وڃي.