فلوريڊا (دلچسپ نيوز) بکايل واڳون کاڌو ڳوليندي شهري آبادي ۾ پهچي ويو، شهرين ۾ ٿرٿلو، وائلڊ لائيف اختيارين واڳون کي پڪڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ ريسٽورينٽ جي پارڪنگ ايريا ۾ اوچتو واڳون ڏسي گراهڪ پريشان ٿي ويا ۽ ڪجهه منٽن ۾ ئي ريسٽورينٽ خالي ٿي ويو، شهري خوف وچان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، واڳون گوڙ ۽ هل ٻڌي رڙهندو رڙهندو مک روڊ تي نڪري آيو،روڊ تي اچڻ سبب گاڏيون بيهجي ويون ۽ شهرين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن بعد وائلڊ لائيف جي عملي کي طلب ڪيو ويو جنهن پهچي وڏي جدوجهد بعد واڳون کي پڪڙي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، ان حوالي سان وائلڊ لائيف اختيارين جو چوڻ آهي ته واڳون بکايل آهي انڪري ئي هو کاڌي جي ڳولا ۾ آبادي تائين پهتو، کيس کاڌو کارايو ويو آهي ۽ هاڻي هو ضابطي هيٺ آهي. ٻئي طرفشهري آبادي ۾ واڳون جي پهچڻ ۽ شهرين جي ڀڄ ڀڄان واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، صارفين ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن. هڪ صارف لکيو آهي ته شايد واڳون ريسٽورينٽ تان پنهنجي لاءِ کاڌو وٺڻ آيو هو يا وري ڪا ڊيل ڪرڻ آيو هو.