بڊاڻي/ سجاول جوڻيجو  (نمائندن وٽان) بڊاڻي مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڳوٺ رحيم بخش ڀٽو ۾ مليريا سبب فوت ٿيندڙ پيرسن رحيم بخش جو جنازو پاڻي مان گذاريو ويو.وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عوام پاران انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.هوڏانهن سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ بھادر ڀنڊ جي رهواسي عورت جو مڙهه اسپتال مان ايمبولنس ذريعي آندو ويو، پاڻي هئڻ ڪري وارث عورت جو مڙھ کٽ تي کڻي وڏي تڪليف سان گھر تائين پھتا، ڳوٺ جو پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو ويو رستن تي پاڻي بيٺل آهي.