بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ سخي ڄام ميهر سميجو ۾ سميجا برادري جي ٻن ڌرين ۾سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ گوليون لڳڻ سبب پيرسن خير محمد سميجو ۽  سندس پُٽ برڪت سميجو,سخت زخمي ٿي پيا،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٿاڻي آندو، جتان ليٽر وٺڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتي پيرسن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان برڪت سميجو جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو. پوليس موجب  نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ماڻهن زمين تي پاڻي جي واري تي ويندڙ خير محمد ۽ سندس پٽ برڪت مٿان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، جڏهن ته علاقائي ذريعن موجب ته سميجا برادري ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تي هي مسئلو پيش آيو آهي.