بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجھو مياڻي ٿاڻي جي ڳوٺ قالو  مزاري ۾ مزاري برادري  جي ٻن ڌرين ۾  فصل کي پاڻي ڏيڻ تان جھيڙو ٿي پيو،فائرنگ  ۾  ٻن گهروارين جو مڙس ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ نظر علي سخت زخمي ٿي پيو.نوجوان کي وارثن ۽ پوليس کڻائي ٿاڻي تي آندو، ضروري ڪارروائي بعد بخشاپور اسپتال پهچايو ويو، جتي سور نه سهندي فوت ٿي ويو.واثن خيالي مزاري ،شوڪت مزاري، غلام قادر مزاري ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته نوجوان واهه مان پاڻي ڇوڙي رھيو ھو ته  لقمان مزاري، غفور مزاري، ھارف ،گلاب ، ولي محمد ، طارق مزاري   فائرنگ ڪري کيس ناحق قتل ڪيو آھي.مياڻي ٿاڻي آڏو وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو. مقتول جي ڀاءُ خيالي مزاري جي فرياد تي ڏهه ڪلاڪ بعد گلاب، لقمان، عبدالغفورٽئي، پٽ شاهه بخش مزاري، ولي محمد ۽ طارق مزاري سميت هڪ ڏسي سڃاڻڻ تي گناهه 7/ 2023قلم 302, 337H2, 148, 149 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.