بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو درياءَ پار ڪچي جي ڳوٺ ڄام انور چاچڙ لڳ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان 45 ورهين جو صاحب پُٽ رمضان جکراڻي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، وارث عورتون ٽريڪٽر ٽرالي ۾ لاش کڻائي مياڻي ٿاڻي آڻي ڌرڻو هنيو، پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو. نظر جکراڻي جو چوڻ هو ته ڀاءُ صاحب صبح جو مال چاري رهيو هو ته جکراڻي برادري جي هٿياربندن بندوق جا فائر ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. مياڻي پوليس نه واقعي واري هنڌ آئي نه وري لاش لاء پوليس موبائل ڏني اسان پاڻ مرادو ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي لاش ٿاڻي آندو.علائقي ۾ چوٻول آهن ته  ڏهه سال اڳ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ موبائل چارج ڪرڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جوابدارڌر جا ٽي ماڻهو اڳ قتل ٿي چڪا هئا، پلاند ۾ جوابدارن صاحب جکراڻي کي قتل ڪيو.