بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ڀرسان گُبلو ٿاڻي جي حد مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل پورهيت زبير احمد ڀٽو گهر پهچي ويو. زبير ڀٽو ٻڌايو ته ٻه مھينا اڳ گُبلو واري ڪچي مان 6 ھٿياربندن اغوا ڪري جهنگ ۾ رکيو هو، جتي ڀُنگ عيوض سخت تشدد ڪندا ھئا. هن چيو ته پوليس بازياب ناهي ڪرايو، منھنجي وارثن مسلسل قرآن پاڪ کڻي ڪچي ۾ گھمايو، ڌاڙيلن کي رحم آيو هنن ناهڙ پتڻ وٽ ڇڏي ڏنو، جتان وارث وٺي گهر آيا.