بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي مياڻي پوليس جي زيادتين خلاف  پورهيت پيءُ پُٽ جو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ڳوٺ مصري سميجو جي رهواسين آصف سميجو ۽ نظير سميجو دانهيندي چيو ته اسان مسڪين پورهيت آهيون، مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندا آهيون، مياڻي ٿاڻي جي وڏي منشي  ۽ اي ايس آءِ  منهنجي پُٽ آصف سميجي کي شهر مان بغير ڪنهن ڏوھ جي ناحق گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃڻ بعد تشدد ڪيو، وڏي منشي 10 هزار رشوت وٺڻ بعد منهنجي پُٽ  کي آزاد ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.