بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن  حملو ڪري  20  ورهين جي داد محمد عرف عجن پٽ گل حسن ڀٽو کي ڪليشنڪوف جا برسٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا،   پوليس پھچي لاش   پنھنجي تحويل ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،جڏھن ته  ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين جو جھيڙو سڱاوتي تڪرار تان هلندڙ هو، ان حوالي سان ايس ايچ او مياڻي عبداحفيظ چاچڙ  ٻڌايو ته جوابدار شوڪت علي ڀٽو پنھنجي ڀيڻوي کي گوليون ھڻي قتل  ڪري درياءَ پار ڪري ويو آهي، مقتول نوجوان جا وارث اچڻ بعد جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ ڪوشش ڪنداسين.