بڊاڻي (ن پ ا) گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عمر بنگوار مان 12 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل نوجوان  پورھيت زبير احمد ڀٽو جي والد  خليل ڀٽو کي ڏوهارين فون ڪري 50 لک ڀنگ گهريو آهي، نه ملڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته زبير ڀٽو کي هٿياربندن جي چمبي مان آزاد ڪرايو وڃي، اسين مسڪين آھيون، ڀنگ ڀرڻ جي سگهه ناهي.