بڇيري (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي بڇيري جي وارڊ هڪ جي مختلف ڳوٺن مکڻ سھتو، قائم الدين سھتو، حمزو سھتو، ابراھيم شاهه، ڪامل ڪلھوڙو، پانڌي لاشاري ۽ ٻين مان برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ٿي سگھيو، جنھن ڪري رستاٻڏل آهن ۽ انهن جو شهرن سان رابطو ڪٽيل آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي  ته چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر عملي قدم کڻڻ بدران رڳو فوٽو سيشن ۾ پورا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي،