بچت بدران پيداوار وڌائڻ جي ضرورت

0
168
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪي معيشت جي حالت  هنڌان هنڌان روڻ لڳل اهڙي بند جهڙي ٿي وئي آهي جنهن جي هڪ هنڌان روڻ  ٿي ٻڌجي ته ٻئي هنڌان روڻ لڳڻ جو خطرو پيدا ٿو ٿئي. في الحال ته اهي اڃا روڻيون آهن جن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، خطرو اهو آهي ته اهڙين روڻين سان اهو معاشي بند صفاٽٽي نه پوي ۽ ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي. جنهن ڪري ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ قدم وري اهڙا کنيا پيا وڃن جن جو سڄو بار عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي يا وري ٽئڪس ڏيندڙ اهڙن ڪاروبار تي جن سان خطرو آهي ته ملڪي معيشت تي خراب اثر نه پون. اسان جا حڪمران ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سدائين عارضي قدم کڻڻ جا هيراڪ رهيا آهن ڪڏهن به پائيدار ۽ ديرپا پاليسيون انهن جي اوليت ئي نه رهيون آهن جن سان عام ماڻهن کان وڌيڪ اشرافيا يا حڪمران طبقي تي بار پوي ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ انهي اشرافيا سان تعلق رکن ٿا. ان ڪري جن کي هو ڏکيا فيصلا چون ٿا اصل ۾ انهن لاءِ سولا ۽ عوام لاءِ ڏکيا فيصلا آهن ۽ اهي ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ڪلاس کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا .هاڻي به هڪ اهڙو ئي فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو پهريون دفعو نه ٿيو آهي شايد ملڪي تاريخ ۾ جڏهن به توانائي جو بحران پيدا ٿيو آهي سڀ کان اڳ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي۽ صورتحال ڪجهه بهتر ٿيڻ تي وري معمول تي معاملا هليا ويندا آهن پر اهڙو فيصلو نه ڪيو ويندو آهي جنهن سان ڪو توانائي جي بحران کي مستقل طور حل ڪيو وڃي يا ان مان جان ڇٽي.

هاڻي به جيئن تقريبن ٻه مهينا اڳ جيڪا نئين حڪومت قائم ٿي آهي انهي آڏو ٻه وڏا مسئلا آهن هڪ هو دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اڳوڻي حڪومت ملڪي معيشت کي اهڙي حال تي پهچائي وئي جتي ملڪ جي ڏيوالي جو خطرو هو ٻيو بحران توانائي جو ڇڏي ويا جنهن سان بجلي جي لوڊشيڊنگ حد کان وڌي وئي جنهن ڪري عام ماڻهن کي گرمي جي موسم ۾ تڪليف کي ته منهن ڏيڻو ئي ڏيڻو پوي ٿو پر ان سان گڏ صنعت،ڪاروبار ۽ واپار کي به نقصان ٿي رهيو آهي.انهي ڪري  نئين حڪومت توانائي جي بچت لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا جيڪي عارضي طور ته بهتر حل آهن پر اهي بحران کي منهن ڏيڻ جو مستقل حل نه آهن.وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو ته توانائي کي بچائڻ لاءِ رات جو دير تائين مارڪيٽون ۽ ڪاروبار نه کوليو وڃي ۽ انهي جو ڪو وقت مقرر ڪجي جنهن ڪري سج جي روشني جو استعمال ڪري بجلي ۽ توانائي بچائي سگهجي.انهي فيصلي تحت سنڌ حڪومت رات جو نائين وڳي کانپوءِ ڪاروبار کولڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته پيٽرول پمپ ،ميڊيڪل اسٽور ،اسپتالون ،بيڪريون ۽ کير وارا دڪان انهي پابندي کان آجا هوندا.

هڪ طرف توانائي بچائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ٻئي طرف معيشت جي جيڪا خراب حالت آهي ڇا انهي فيصلي سان انهي تي ڪو اثر نه پوندو ڇاڪاڻ ته اسان جي سالن کان وٺي هڪ سماجي عادت ٿي وئي آهي ته ڪاروبار ۽ خريداري رات جو ئي ڪرڻي آهي جيڪڏهن ڪاروبار انهي حساب سان نه ٿيندو ته  ٽئڪس ڪليڪشن ۾ ڪراچي ۽ ٻيا وڏا شهر جيڪو پنهنجو حصو ڏيندا آهن اهي اوترو حصو ڏئي سگهندا يا ان ۾ گهٽتائي نه ٿيندي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اسان جي حڪمرانن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن ۽ جڏهن ڪاروبار گهٽ ٿيندو ته ڇا روزگار جا ذريعا گهٽ نه ٿيندا؟اسان سمجهون ٿا ته توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪيٽون کولڻ ۽ بند ڪرڻ جو وقت مقرر ڪرڻ ته وقتي طور ٺيڪ فيصلو آهي پر اهو مستقل بنيادن تي حل ڪونهي ڇاڪاڻ ته بچت ڪرڻ ته بهتر ڳالهه آهي پر جيستائين پيداواري وسيلا نه وڌندا اها بچت، وڌندڙ آبادي جي دٻاءَ ۽ وڌندڙ ڪاروباري  گهرجن ۾ ختم ٿيندي ويندي. تنهن ڪري حڪومت توانائي بچائڻ بدران پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪي قدم کڻي جيئن هر ڀيري وانگر عارضي حل لاءِ قدم نه کڻڻا پون.