ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) عالمي رجحانن کي ڏسندي پاڪستان ۾ به ڊجيٽل ڪرنسي معتارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان باري ۾ اسٽڊي شروع ڪئي وئي آهي، بٽ ڪوائن جهڙي ڊجيٽل ڪرنسي جاري ٿيڻ سان حڪومت جو مقصد بينڪاري سهولتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ کي آسان بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزارت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڊجيٽل ڪرنسي اختيار ڪري سگهي ٿي. ڊجيٽل ڪرنسي جو فائدو اهو هوندو ته هر فنانشل ٽرانزيڪشن دستاويزي هوندي ۽ اهو معلوم ٿي سگهندو ته ڪير ڪنهن کي ۽ ڪهڙي مقصد لاِ رقم اماڻي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ لاءِ 60 کان 70 سيڪڙو انفرااسٽرڪچر موجود آهي پر ان کي سائبر چوري کان بچائڻ لاءِ سخت نگراني چئلينج هوندي ان سان پرڏيهي سيڙپڪاري به ايندي.