ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جاتي چوڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڦورن پاران پيڇو ڪرڻ تي پاڻ بچائندي پيٽرول پمپ جي ديوار سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويل ڳوٺ جاني ميمڻ جي رهواسي نوجوان جاويد ميمڻ جي وارثن ۽ مختلف تنظيمن احتجاج  ڪيو. واپاري ايسوسيئيشن، جاويد ايڪشن ڪاميٽي ميمڻ ڪميونٽي جي اڳواڻن حبيب الله ميمڻ، عبدالغفور ميمڻ ،حاجي دودو ميمڻ، صحافي نظر ميمڻ عامر ميمڻ اياز ميمڻ عارف ميمڻ ملڪ رسول بخش ميمڻ عبدالغني ميمڻ علي اڪبر ميمڻ عاشق کٽي ۽ ٻين چيو ته ميرپور بٺورو پوليس هن وقت تائين نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي، هنن ايس ايس پي سجاول کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته پوري تعلقي ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.