ميرپوربٺورو (ن پ ا) بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائي سگهندڙ بيوس والد واٽر سپلائي تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، آسپاس جي شهرين هڪ ڪلاڪ جي ڪوشش کان پوءِ نوجوان امين پٽ خداڏنو جاداڻي کي تلاءُ مان ڪڍيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان ڏس ۾ شهر وچ ۾ قائم واٽر سپلاءِ تلاءُ ۾ نوجوان اچانڪ ٽپ ڏئي ڇڏيو ۽ موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن تي آسپاس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ تلاءُ ۾ گهڙي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڏني جڏهن ته هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد مقامي ماڻهن پاران نوجوان کي پاڻي کان ٻاهر ڪڍي ورتو. هوڏانهن نوجوان جي سڃاڻپ امين ولد خداڏنو جاداڻي طور ٿي آهي جيڪو بٺورو لڳ دڙي موري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، اکين ڏٺن شاهدن موجب نوجوان بس اسٽاپ کان ئي ڊوڙندو آيو ۽ واٽر سپلائي تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي وارثن موجب نوجوان امين جاداڻي غربت سبب پنهجي بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائي پئي سگهيو ۽ پريشاني ۾ مبتلا هو جنهن سبب اچانڪ گهران نڪري ويو ۽ سندس فوت ٿيڻ جي خبر ملي آهي.