ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ۾ چونڊ سرگرميون  جاري آهن، چئني وارڊن جي اميدوارن ورڪ شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهي سلسلي ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو جي وارڊ نمبر هڪ تي جي يو آئي پاران اڪائونسلر لاءِ نامزد اميدوار مولوي طفيل کٽي جي حمايت ۾ آل پارٽيز فورم جي اڳواڻن يوسف ڪنڀار، عبدالغني ملاح، پنهل سولنگي ۽ ٻين پاران وارڊ جي مختلف علائقن ۾ گهر گهر وڃي جي يو آئي اميدوار طفيل کٽي لاءِ چونڊ ورڪ ڪيو، هوڏانهن وارڊ نمبر ٻه تي پ پ پ جي ڪائونسلر لاءِ اميدوار اياز اسماعيل سوھو پاران مڱڻهار محلي ۽ مهيشوري محلي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون جنهن ۾ هن علائقي واسين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، هوڏانهن ساڳئي وارڊ نمبر 2 تي قومي عوامي تحريڪ پاران نامزد ڪائونسلر اميدوار يوسف ڪنڀار پاران درگاھ شاھ محمد شاھ تي چادر چاڙهي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.