ميرپوربٺورو (ن پ ا) 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ دلچسپ مقابلا ٿيندا وارڊ نمبر ھڪ تي جي يو آء اميدوار طفيل کٽي۔پي پي اميدوار ميان کٽي ۾ مقابلو ٿيندو. ٽائون بٺوري جي وارڊ نمبر 2 تي قومي عوامي تحريڪ اميداوار جنرل ڪائونسلر تي يوسف ڪنڀار پي پي ٽيڪيٽ تي اياز اسماعيل سوھو آزاد اميدوار اڪبر ملاح ۾ مقابلو ٿيندو وارڊ نمبر3 تي جي يو آء اميدوار مولوي طاھر کٽي پي پي اميدوار غلام علي خواجه وارڊ نمبر چار تي پي پي اميدوار حاجي حبيب ميمڻ جي يو آء جي مولوي محمد پرھياڙ ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن تي يوسين تي پڻ مقابلا ٿيندا. يو سي ڪامارو تي چيئرمين جي پي پي اميدوار نواز سوھو ۽ آزاد اميدوار حاجي حمزي سوھو ضلعي ڪائونسلر پي پي اميدوار اضعر سوھو آزاد اميدوار حاجي دلدار سوھو ۾ مقابلو ٿيندو ورڪ تيز ٿي ويو يوسي شاھ محمد شاھ تي راڄوڻي اتحاد جي ضلعي ڪائونسلر رئيس گھنور خان چانڊيو پي پي اميدوار آصف زئور ۾ مقابلو ٿيندو باقي ديھ جي ڪائونسلرن ۾ مقابلا ٿيندا يوسي دريا خان سوھو ۾ پي پي جي ٽڪيٽ تي عبدالله پرھياڙ چيئرمين آزاد اميدوار اسماعيل جت آزاد اميدوار سڪندر شاھ ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن ته ضلعي ڪائونسلر مرتضيٰ خواجا بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ھو .