ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري تعلقي ۾ گذريل ڏهن سالن کان يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلڻ خلاف سماجي اڳواڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جي نوجوان وڪيل عبدالجبار کٽي جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران ٻڌڻي ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار پنهنجي وڪيل انور تنيو سان گڏ عدالت پيش ٿيو، جڏهن ته سيڪريٽري تعليم سميت تعليم کاتي جي عملدارن مان ڪوبه عملدار عدالت پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ميرپوربٺورو ۾ گذريل ڏهن سالن کان هاير سيڪشن غير فعال آهي جنهن سبب يارهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس نه هلي سگهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ تدريسي عمل بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، عدالت 5 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد، ضلعي ايجوڪيشن آفيسر سجاول ۽ پرنسپال بٺورو کي مڪمل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي، ياد رهي ته هاير سڪنڊري اسڪول ميرپوربٺورو، دڙو، ٻنون ،لائق پور سميت تعلقي ميرپوربٺورو ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ هر سال هزارين شاگرد داخلا وٺن ٿا پر اهي ٻارڙا هڪ ڏينهن به ڪلاس وٺي نه سگهيا آهن. انتظاميا پاران استادن جي کوٽ، عمارتن جي زبون حالي جو سبب ڄاڻائيندي اسڪولن جي هاير سيڪشن ۾ تدريسي عمل بند ڪري ڇڏيو.