ميرپوربٺورو. (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ ديوان شگر ٻڍو ٽالپر جي مين گيٽ اڳيان صبح سوير ملازمن ۽ آبادگارن رب ڏنو جت مير مراد زئور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ملز جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ملز انتظاميا گذريل پنجن مهينن کان ملازمن کي پگهارون جاري نه ڪيون آهن جنهن سبب هاڻي ملازم فاقه ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته آبادگارن جا ڪروڙين رپيا رهتون پڻ ملز انتظاميا ادا نه ڪيون آهن جنهن سبب آبادگار ڪنگال بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته ملز انتظاميا هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي آبادگارن ۽ ملازمن جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نه پئي وٺي ۽ گذريل هڪ مهيني ۾ ٽيون ڀيرو احتجاج ڪرڻ باوجود رهتون جاري نه پيون ڪيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته رهتون جاري نه ڪيون ويون ته احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ ملز انتظاميا جا گيٽ مڪمل بند ڪيا ويندا