ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ويجهو ڳوٺ رمضان سولنگي ۾ ڪمند جي بيٺل فصل کي اوچتو باھ لڳي وئي، جڏهن ته واقعي بعد ڳوٺاڻن فوري طور تي پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، رابطو ڪرڻ تي قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر پنهل سولنگي ٻڌايو ته ڪمند جي فصل کي باھ هٿرادو ڏني ويئي آهي جنهن ۾ ڳوٺ جي ماڻهن پاران نامعلوم شخص کي باھ ڏيڻ کان پوءِ ڀڄندي ڏٺو آهي، هن چيو ته واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته قومي عوامي تحريڪ پاران حڪومتي ڌر جي اميدوارن خلاف سرگرميون شروع ڪرڻ واري عمل کان پوءِ کيس ماٺ ڪرائڻ لاءِ به اھڙي حرڪت ٿي سگهي ٿي، هوڏانهن آل پارٽيز فورم اڳواڻ يوسف ڪنڀار، عبدالغني ملاح ۽ نعمان شورو پاران قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر جي ڪمند جي فصل کي باھ ڏيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.