ميرپوربٺورو (ن پ ا) تعلقي ميرپوربٺورو سميت ضلعي سجاول ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر نه کلي سگهيا جنهن ڪري آبادگار واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، آبادگارن پاران واپارين تي ڪٽوتي ۽ من پسند اگهه ڏيڻ جون شڪايتون به سامهون آيون آهن،  انهي سلسلي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ضلعي سجاول مان 70000 هزار ٻوريون خريد ڪرڻ لاءِ اعلانيل 3 خريداري مرڪز ڪٿي به قائم نه آهي سگهيا آهن، تعلقي ميرپوربٺورو سميت سجاول ۽ چوهڙ جمالي ۾ اعلانيل ڪڻڪ خريداري مرڪز جو ڪوبه وجود نه آهي جنهن سبب آبادگار مقامي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهن، صحافين سان ڳالهائيندي آبادگارن ممتاز سميجو، حاجي قاسم، جاويد علي ۽ ٻين ٻڌايو ته سرڪاري ڪڻڪ خريداري جا مرڪز نه کلڻ سبب مقامي واپاري مرضي موجب في مڻ 3800 کان 4200 رپيا ڏيئي رهيا آهن.  رابطو ڪرڻ تي خوراڪ کاتي جي تعلقي عملدار ٻڌايو ته سرڪاري اگهه کان اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ هئڻ سبب آبادگار مقامي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سينٽر في الحال قائم نه ٿي سگهيا آهن ليڪن اگر ڪو آبادگار ڪڻڪ ڏيڻ چاهي ٿو ته اهو خوراڪ کاتي سان رابطو ڪري ڪڻڪ ڏيئي سگهي ٿو.