ميرپوربٺورو(ن پ ا) بٺوري جا آبادگار شگر ملن مان مايوس ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڪمند جي پوکي گھٽجي وئي آهي. ان ڏس ۾ مقامي آبادگارن محمد خان ابڙو پپن شيخ حاجي گل محمد پارھيڙي حاجي ايوب زئور ۽ ٻين چيو آھي ته ڪمند جو فصل 15 مھينا زمين ۾ بيھي ٿو ريٽ نه ھجڻ سبب آبادگار ڪمند جي پوکائي مان ھٿ ڪڍي رھيا آھن ھن وقت في مڻ 400 رپيا ھجڻ گھرجي افسوس اھو ڪمند جو مڻ 274 رپيا ملي ٿو جيڪا آبادگارن سان سراسر ناانصافي آھي. ياد رهي ته حڪومت طرفان مقرر ٿيل ڪمند جو اگھ 302 روپيا مڻ جيڪو پڻ شگر ملز وارا آبادگارن کي نه ڏيئي سگهيا آھن۔