بڪيراشريف  (ن پ ا) بڪيراشريف شيخ ڀرڪيو مين روڊ لڳ سرفراز واھ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته موسيٰ پتافي ولد محمد پتافي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي رول هليٿ سينٽر ۾ طبي امداد بعد سول اسپتال ٽنڊوالهيار ريفر ڪيو آهي.