بُکن تي ويٺا آهيون، اسان کان ڪهڙا راڳ ٻڌندئو: وچن سنڌي

0
256
بُکن تي ويٺا آهيون، اسان کان ڪهڙا راڳ ٻڌندئو: وچن سنڌي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نرالي انداز وارو راڳي وچن سنڌي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذارڻ لڳو آهي، ثقافت واري وزير کي ميارون به ڏيڻ لڳو، سندس چوڻ آهي ته بکن تي ويٺا آهيون، اسان کان ڪهڙا راڳ ٻڌندئو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي وچن سنڌي چيو ته صوبائي وزير سردار شاهه کي پٽ جي معمولي نوڪري لاءِ درخواست ڏنم، سمورا چالان ڀريم پر ڪو کڙتيل نه نڪتو، پٽ ساڳيو بيروزگار ويٺو آهي

وچن سنڌي چيو آهي ته منهنجي ڪانٽريڪٽ واري نوڪري به ٽن سالن کان ختم آهي،  صوبائي سيڪريٽري اڪبر لغاري کان ويندي عليم لاشاري ۽ سردار شاهه تائين سڀ حال کان واقف آهن پر الائي ڇو مدد نٿا ڪن