بي گناهه 43 سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيل شخص لاءِ 17 ڪروڙ امداد

0
719
بي گناهه 43 سال قيد

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) بي گناهه 43 سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيل شخص لاءِ 17 ڪروڙ امداد جمع ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ ڪي ون اسٽرڪ لينڊ کي قتل ڪيس ۾ 50 سال سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن دوران ڪي ون پاڻ تي لڳايل سمورن الزامن کي قبول نه ڪيو ۽ بي گناهه چوندو رهيو

43 سال قيد ڪاٽڻ بعد جج سمورا الزام رد ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آمريڪي رياست ميسوري جي عدالت پاران اهو پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ ڪنهن بي گناهه کي ايتري ڊگهي سزا ڪاٽڻي پئي، سماجي تنظيم ڪي ون اسٽرڪ لينڊ لاءِ امدادي مهم هلائي جنهن ۾ 17 ڪروڙ رپيا جمع ٿي ويا آهن.