ريو ڊي جنيرو (دلچسپ نيوز) بي جان پتو بڻجي شڪار ڪندڙ انوکي مڇي هٿ اچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بوليويا، پيرو، ڪولمبيا، برازيل ۽ وينزويلا ۾ مڇي هٿ آئي آهي، ليف فش نالي مڇي پاڻي ۾ سائي پتي وانگرترندي رهي ٿي، مڇي شڪار کي ڏسڻ بعد پاڻ ئي بي جان پتو بڻجي وڃي ٿي، شڪار کي دوکو ڏيڻ بعد ليف فش ان تي حملو ڪندي آهي، مڇي قدرتي طور سائي پتي وانگر مڙڻ جي سگهه رکي ٿي