بي اين پي کانپوءِ عوامي نيشنل پارٽي طرفان به حڪومت جو حصو بڻجڻ کان معذرت

0
207
بي اين پي کانپوءِ عوامي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) شهباز حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

ميڊيا رپورٽس موجب عوامي نيشنل پارٽي کي حڪومت جو حصو ٿيڻ لاءِ گورنر خيبرپختونخواهه سميت هڪ وزارت جي آڇ ڪئي وئي هئي

اسفند يار ولي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جا ٿورائتا آهيون جنهن حڪومت جو حصو بڻائڻ لاءِ رابطو ڪيو، پر اسان جي شروع کان حڪومتي عهدا وٺڻ ترجيح ناهي رهي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل به وفاقي ڪابينا جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو