ڪراچي(م ڊ) پنجاب ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ  جي حوالي سان وڏو وزير پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي سخت دٻاءُ جو شڪار آهن.  نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو ويو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ جي حوالي سان پرويز الاهي ۽ مونس الاهي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي ذريعن به ان جي تصديق ڪئي آهي. ان باري ۾ مونس الاهي به ٻڌايو ته پي ڊي ايم ۾ شموليت لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ايف آءِ اي منهنجي گهرواري ۽ ڌيئرن کي به نوٽيس اماڻيا ويا آهن ڇا هاڻ انهن جو وارو ايندو؟