آئيووا (انٽرسٽنگ نيوز) قبرستان ۾ اڪيلي رهندڙ بدڪ جي تنهائي ڏسي هن جون ڪجهه تصويرون ڪڍي هڪ نئين جيون ساٿي جي ڳولا جو اشتهار ڏنو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي هن کي نر بدڪ ملي ويو آهي. انڊيانا ڊيون نالي پارڪ ۾ 26 ڊسمبر 2022ع تي هڪ بدڪ کي پنهنجي آکيري وٽ اڪيلو ڏٺو ويو هو. انڊيانا فطري وسيلن جي کاتي هن جون ڪيتريون ئي تصويرون ورتيون ۽ هن جو اشتهار تيار ڪرايو. بلوسم نالي بدڪ ريورسائڊ قبرستان ۾ رهندي آهي ۽ هن گهريلو بيوه بدڪ لاءِ رشتي جي ضرورت جو اشتهار ڏنو ويو جيڪو فائديمند ثابت ٿيو. عملي موجب 2022ع تي بلوسم جو جوڙيوار “بڊ” هڪ جانور جي حملي ۾ ماريو ويو هو، ان کانپوءِ هوءَ اداس ۽ گم سم رهڻ لڳي هئي. اشتهار جي ٽن ڏينهن کانپوءِ جهنگلي جيوت جي آفيسرن هن لاءِ هڪ نر بدڪ ڳولي لڌو جنهن کي هوءَ قبول ڪري چڪي آهي، هاڻي اهو جوڙو سٺي زندگي گذاري رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن جي نئين جيون ساٿي “فرينڪي” به اڪيلو نر بدڪ آهي جنهن جي مادي مري وئي آهي.