بين الاقوامي ڪانفرنس: ماحولياتي تبديلين جي متاثر اسرندڙ ملڪن کي معاوضو فراهم ڪرڻ جو تاريخي معاهدو

0
301
بين الاقوامي ڪانفرنس: ماحولياتي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) شرم الشيخ ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس دوران ماحولياتي تبديلين جي متاثر اسرندڙ ملڪن کي معاوضو فراهم ڪرڻ جو تاريخي معاهدو ٿيو آھي

 

ماحولياتي تبديلين بابت گڏيل قومن جي ڪوپ ٽوينٽي سيون اجلاس ۾ معاهدي تي اتفاق ٿي ويو، اجلاس ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن پاران شرڪت ڪئي وئي

پاڪستان سميت اڪثر اسرندڙ ملڪ وڏي عرصي کان ماحولياتي گدلاڻ سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي جو اسريل ملڪن کان مطالبو ڪري رهيا هئاموسمیاتی تبدیلوں سے متاثرہ ملکوں کے نقصانات کے ازالے کیلئے فنڈ قائم کرنے پر اتفاق

 ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ ڳالهين بعد شاهوڪار ملڪن اسرندڙ ملڪن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

 وفاقي وزير شيري رحمان معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اِهو معاهدو ماحولياتي انصاف ڏانهن پهرين وِک آهي، 134 مُلڪن لاءِ فنڊ قائم ٿيڻ ۾ 30 سال لڳا، فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چُڪو آهي، هاڻي پاڪستان فنڊ جي فعال ٿيڻ جو منتظر آهي

وزيراعظم شهباز شريف پاران ماحولياتي تبديلين جي متاثر ملڪن لاءِ بين الاقوامي فنڊ جو قيام وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آھي

meeting

وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم جون ان ڏس ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ڪوپ ٽوينٽي سيون پاران فنڊ جو قيام ماحولياتي انصاف واري هدف ڏانهن پهريون قدم آهي