بين اسٽوڪس جهڙو آل رائونڊر بڻجڻ چاهيان ٿو: محمد وسيم

0
453

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽڊ ۾ شامل نوجوان فاسٽ بالر محمد وسيم جونئير انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس جهڙو بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، هن چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا جي ٽور ۾ بالنگ ڪوچ وقار يونس جي سان گڏ ڪم ڪيو، وقار يونس جيڪو ٻڌايو ان کي ابو ظهبي ۾ جاري رکيو ۽ ڪاميابي ملي، وقار يونس چيو ته نروس نه ٿجانءِ پاڻ تي اعتماد رک ۽ جيترو کيڏندي ايترو اڳتي وڌندي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، محمد وسيم چيو ته پاور پلي ۽ ڊيٿ اوورز ۾ پلان سان گڏ بالنگ جي ڪوشش ڪندو آهيان، وقار يونس ڊيٿ اوورز ۾ ريورس سوئنگ، يارڪرز ۽ بائونسرز جو ٻڌايو، پاور پلي ۾ وڪيٽن ۾ لائن سان گڏ بالنگ ي ڪوشش ڪندو آهيان جڏهن ته ڊيٿ اوورز ۾ ورائٽي آڻيندو آهيان ۽ وقار يونس جيڪو ٻڌايو ان تي عمل ڪيان ٿو، محمد وسيم چيو ته انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس جهڙو بڻجڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان.