حيدرآباد: لطيف آباد يونٽ نمبر 7 سان تعلق رکندڙ سيڪيورٽي ڪمپني جي زونل مئنيجر جاويد اقبال راجپوت جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه ٽنڊو سعيد خان واري علائقي ۾ 28 سيپٽمبر تي صبح جو 9 وڳي سندن وين مان 15 ڪروڙ 29 لک رپيا روڪ رقم ڦر ٿي جڏهن ته ڦورو سيڪيورٽي گارڊ ۽ عملي کان 2 رپيٽر ۽ 3 ٽي ٽي پستول به ڦر ڪري ويا هئا. زونل مئنيجر پاران ڦر واقعي ۾ ڄاڻايل رقم مان مجموعي طور 10 ڪروڙ 17 لک رپين بابت به پوليس ڪجهه ناهي ٻڌايو پر هاڻي پوليس دعويٰ موجب هٿ آيل 5 ڪروڙ 10 لک رپين مان به داخل ڪيل ڪيس ۾ ساڍا 92 لک رپيا پراسرار نموني غائب ڪيا ويا آهن، جنهن بابت ايس ايس پي امجد احمد شيخ جو چوڻ آهي ته اها رقم هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل ڦورو انيس چنا وٽان هٿ ڪئي وئي هئي. ايس ايس پي موجب ته ساڍا 92 لک رپيا انيس ۽ باقي 4 ڪروڙ 17 لک 50 هزار رپيا کين مارجي ويل ٽنهي ڦورن جي قبضي مان هٿ آيا هئا پر هٽڙي ٿاڻي تي پوليس پاران داخل ڪيس ۾ جوابدار انيس کان هٿ آيل ساڍا 92 لک رپين جو ڪٿي به ذڪر ئي ناهي ٿيل.