خيرپور (رپورٽر) بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور 12 کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم. ان ڏس ۾ خيرپور جي مختلف بئنڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪرڻ تي بئنڪنگ ڪورٽ جي اسپيشل جج عاشق علي غوري جي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ وڏا ماڇيون جي رهواسي محمد سچل ولد محمد اسلم جاگيراڻي، حاجي خان ولد فيض محمد، ڳوٺ ڇتن شاهه جي رهواسي شاهه محمد ولد محمد اسلم جاگيراڻي، پيرڳوٺ جي رهواسي منظور حسين ولد ارباب ڀنڊ، عبداللطيف ولد ڌڻي بخش ڀنڊ، تعلقه گمبٽ جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين محمد سانوڻ ولد ولي محمد جتوئي، بهاول ولد الهه بخش ڪورائي، سونو خان ولد ڪريم بخش سولنگي، شير محمد ولد شفيع محمد رتڙ ۽ عرض محمد ولد شفيع محمد رتڙ سميت 12 کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.