اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هر هفتي نيب ڪيسن ۾ پيش ٿيون ٿا، ٻڌڻي نٿي ٿئي، هيل تائين چار ججز تبديل ٿي چڪا آهن پر ڪيس جو فيصلو نه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته عدالتون پاڻمرادو نوٽيس ته وٺن ٿيون، پر هن ڳالهه تي به نوٽيس وٺن ته ڪيسن جي ٻڌڻي هئي، اعليٰ عدليه کي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ بحال ڪرڻي آهي، جڏهن بينچ تي آڱر کڄي ته ان تي جج فيصلو نٿو ڪري سگهي. هوڏانهن احتساب عدالت ۾ شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.