دبئي (م ڊ) جمهوريت تي راتاهو هڻي 9 سالن تائين ڊگهي حڪمراني ڪندڙ آمر پرويز مشرف ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو، سفارتي ذريعن اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف امائلائيڊوسس نالي بيماري ۾ مبتلا هو، هن بيماري ۾ جسم مان پروٽين جا مالڪيول ناڪاره ٿي ويندا آهن ۽ مريض جا عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، پرويز مشرف ڊگهي وقت کان دبئي جي آمريڪن نيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڪالهه صبح جو هن دم ڌڻي حوالي ڪيو،  سندس گهر ڀاتين به اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته پرويز مشرف  ڪالهه صبح جو دبئي ۾ دم ڏنو. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي، پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ خاندان طرفان دبئي جي قونصل خاني ۾ درخواست ڪئي وئي، جنهن تحت سفارتي اختيارين ٻڌايو آهي ته قونصل خاني پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سفارتخاني جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر مشرف جو مڙهه اڄ راولپنڊي روانو ڪيو ويندو، مڙهه المڪتوم ايئرپورٽ کان اڄ صبح خاص اڏام ذريعي راولپنڊي لاءِ روانو ڪيو ويندو، سفارتي اختيارين چيو ته پرويز مشرف جو پاسپورٽ ڪينسل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي آرمي چيف جي امڙ دبئي ۽ پيءُ ڪراچي ۾ دفن آهن. اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو، ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ ايف سي ڪاليج لاهور مان تعليم حاصل ڪئي، 1961 ۾ پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، بعد ۾ اسپيشل سروسز گروپ جوائن ڪيو، پرويز مشرف 1965 ۽ 1971 وارين جنگين ۾ به حصو ورتو،  جنرل (ر) پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي مقرر ٿيو هو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو هو، جنهن کانپوءِ اپريل 2022 ۾ ريفرنڊم ڪرائي هو باقاعده طور تي پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو. سال 2004 ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي هو وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ صدر بڻيو پر وڌيڪ عرصو عهدي تي نه رهي سگهيو، 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد مشرف راڄ جي پڄاڻي شروع ٿي، 18 آگسٽ 2008 تي پرويز مشرف کي صدارت تان استعيفا ڏئي ملڪ ڇڏڻو پيو. نومبر 2007 ۾ پرويز مشرف آئين جي لتاڙ ڪندي اعليٰ عدليا جي ججز کي هٽايو ۽ قيد ڪرايو، آمر مشرف نائن اليون واقعي کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جو فرنٽ لائن اتحادي بڻجڻ واري آڇ قبول ڪئي، تڪراري ۽ غيرمعمولي قدمن سبب جنرل (ر) پرويز مشرف کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.