ڪراچي: جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو ملڪ نه پر دنيا جي عظيم اڳواڻ هئي  جنهن سبب ملڪ کي وقار مليو، سندس ڪردار سبب عورتن به سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، بينظير جي قاتلن جي گرفتاري جي دعا ڪرائي وڃي، هن چيو ته شهيد بينظير حيات هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها.