بينظير ڀٽو جي خون سان انصاف ڪير ڪندو ؟

0
198
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

 پيرين اگهاڙن، مسڪين ماروئڙن جي زندگين ۾ روشنين جا خواب ھميشھ لاءِ دل ۾ کڻي ويندڙ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. 1953ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ڪک مان جنم وٺندڙ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي جو 69 هون  جنم ڏھاڙوملهايو پيو وڃي. شھيد بينظير ڀٽو دنيا جي اھا عظيم اڳواڻ هئي جيڪا  پنهنجي صلاحيتن ذريعي اسلامي دنيا جي پھرين خاتون وزيراعظم چونڊجي وئي، بينظير ڀٽو ان وقت جي ڊڪٽيٽر جي سختين، قيد جلاوطني جي زندگي جي باوجود سياسي ڪارڪنن توڙي مسڪين پيرن اگهاڙن ماروئڙن سان اھڙو رشتو جوڙي رکيو جيڪو ھن وقت تائين قائم آهي ۽ اھو رشتو اڳتي به قائم رھندو. محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان ھڪ ڊگھي تاريخ آهي. 1986ع ۾ڊڪٽيٽر ضياءُ جي حڪومت ۾ لاھور آئي ته عوام جو سمنڊ  سندس استقبال لاءِ اٿلي پيو هو. ان وقت نه اليڪٽرانڪ ميڊيا ھئي نه وري سوشل ميڊيا جو دور ھو ليڪن عوامي سگھه کيس ايتري ملي جو هن ان وقت جي ڊڪٽيٽر سان مھاڏو اٽڪائيندي چيو ته ملڪ کي صرف سياسي قيادت ھلائي سگھي ٿي، ڊڪٽيٽر کي گھر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. 2007 ع تي وطن واپسي جي حوالي سان آخري 2 مھينا ايتري ڏينهن رات جي جدوجھد ۾گذريا جنھن جو اندازو پارٽي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن يا عام ماڻھو کي لڳائڻ مشڪل ٿي پيو ھو ڪنھن کي وھم گمان ۾ به نه ھو ته بينظير ڀٽو سندن اکين جي آڏو لياقت باغ راولپنڊي جلسي ۾ دھشتگردي جو نشانو بڻجي ويندي. حالانڪه 18 آڪٽوبر 2007ع تي جلاوطني ختم ڪري جڏهن  بينظير ڀٽو سنڌ ڌرتي تي پير رکيو ته عوام جي محبت جو سمنڊ ڏسي اکين مان لڙڪ روڪي نه سگھي ۽ جلاوطني جا ڏک سور ھڪ لمحي ۾ عوامي سمنڊ جي لھرن ۾ لڙهي ويا.

سندس  چھري تي خوشي ۽  مرڪ عوام جي سمنڊ جي شڪل ۾ نظر اچي رھي ھئي ليڪن کيس اندازو نه هو ته ڪارساز تي نظرون ڄمائي تاڙ ۾ ناپاڪ ارادن سان ويٺلن کي عوامي سمنڊ جي طاقت قبول نه ھئي جن رات جي پھر ۾ عوامي سمنڊ جي وچ ۾ حملو ڪندي کيس پوري قيادت سان گڏ شھيد ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي. جنھن ۾ پارٽي جا تقريبن 2سئو ڪارڪنن شھيد ۽ ايترا ئي زخمي ٿي پيا پر بينظير ڀٽو ايڏي وڏي سانحي جي باوجود پاڻ کي عوام کان پري رھڻ بجاءِ عوام سان رشتو جوڙي رکڻ جو عھد ڪندي عوامي جلسن جلوسن کي خطاب ڪرڻ کي جاري رکيو. ان وقت ھر وک وک تي  ڪنھن به کي محسوس نه پئي ٿيو ليڪن شھادت کان پوءِ اھو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ ڀٽو خاندان جي مٿان عوامي  قرض ھجي جيڪو لاھڻ لاءِ ھو جدوجهد ڪري رهي هئي جو کيس زندگي جي خبر نه هئي ته کيس ڪنهن وقت به سازش تحت ڪرائي جي قاتلن ذريعي جسماني طور تي عوام کان پري ڪيو  ويندو. ان جدوجھد مان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عوام کيس ووٽ جي ذريعي موٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو ھو اھو قرض سمجهي هن لاھڻ پئي چاهيو کيس ان ڳالهه جو احساس ھو ته سندس قرض پويان واري قيادت لاھي سگھندي يا نه ان سوال جو جواب موجوده قيادت کي ڏيڻ کپي ۽ خاص طور تي 2008 ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت وفاق توڙي سنڌ م آئي ته ڪار ساز سانحي جي جاچ لاءِ ڪجھه به نه ڪيو ويو ته ايڏي وڏي سانحي جي پويان ڪھڙا ڪردار ھئا. ھتي اصل سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن به بينظير ڀٽو جي شھادت يا سالگرهه جو ڏھاڙو ايندو آهي ته سندس شھادت جي حوالي سان ڪنھن نه ڪنھن شخص کان انٽرويو ڏياري شھادت جي معاملي کي وڌيڪ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

سندس جنم ڏھاڙي کان ڪجھه ڏينهن پھرين سنڌ پوليس جي تڪراري اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو انٽرويو سامھون آيو آهي جنھن ۾ ھن پارٽي قيادت تي الزام لڳائيندي چيو آھي ته بينظير ڀٽو جي شھادت جي جاچ ۾ سنجيده نه ھئي. بينظير ڀٽو جي قتل ۾ جنرل پرويز مشرف جو ڪردار نه هو، جي آءِ ٽي ۾شامل رھندي رحمان ملڪ توڙي بابر اعواڻ کان جاچ نه ڪئي وئي،ڪارساز سانحي ۾ اڪرام محسود ملوث ھو ان کي پيپلزپارٽي جي حڪومت پنجن سالن ۾ گرفتار نه ڪيو ان سميت ڪيئي قسم جا انڪشاف ڪيا آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ھاڻي جڏھن جنرل پرويز مشرف دبئي ۾ سخت بيمار آهي سندس خواهش مطابق ڏيھه کڻي اچڻ لاءِ تياريون شروع ڪيو ويون آهن ته ان موقعي تي رائو انوار کي اھڙي انٽرويو لاءِ سامھون ڪنھن ۽ ڪنهن جي اشاري تي آندو ويو آهي؟ آخر اھي ڪھڙيون طاقتون آهن جيڪي جڏهن چاھين ڪنهن کي جلاوطن ڪري ڇڏين جڏهن چاھين کين واپس آڻي ڇڏين،ڀلي مٿن آئين ٽوڙڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا آيل ھجي.  جڏهن ته ان کان پھرين مختلف ورسي جي ڏھاڙن جي  موقعن تي رحمان ملڪ پنھنجي زندگي ۾ ڪيئي انٽرويو ڏيندي ڪڏهن ڪنھن جي مارجڻ يا وري اسڪاٽلينڊ جي رپورٽ جو سھارو وٺي معاملي کي ختم ڪري ڇڏيندو ھو..

ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته بينظير ڀٽو زندگي ۾ پنهنجي قتل جي خدشي سبب ان وقت جي جنرل پرويز مشرف ، چوڌري پرويز الاهي ، ارباب غلام رحيم سميت ٻين جا نالا ورتا ھئا سندس شھادت کان پوءِ ڪنهن کي به جاچ ۾شامل نه ڪيو ويو، اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پارٽي قيادت سميت ڪوبه نالي وارو اڳواڻ پيش نه ٿيو. بينظير ڀٽو جي قتل ۾ شامل ڪيل جوابدارن اعزاز سميت ٻين قاتلن کي بچائڻ لاءِ وڪالت ڪندڙ نواز ليگ جو سينيٽر وڪيل اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ قائد ايوان آھي ان جي قيادت ۾ سابق وزيراعظم يوسف رضا گيلاني توڙي پارٽي جا اڳواڻ سينيٽر ويٺل آھن. پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ جنرل پرويز مشرف کي صدر جي عھدي تان ھٽائڻ کان پوءِ کيس ريڊڪارپيٽ تي فوجي دستي ذريعي سلامي ڏئي گھر موڪليو ويو، چوڌري پرويز الاهي کي پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ڊپٽي وزيراعظم جي عھدي تي ترقي ڏني وئي. ق ليگ سان سياسي اتحاد برقرار رکڻ لاءِ آصف علي زرداري سميت قيادت چوڌري شجاعت حسين سان لاڳاپا برقرار رکيو اچي ٿي پر  پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ جي پنج سالن تائين مخدوم امين فهيم کي سينئر وزير جو درجو نه ڏنو ويو جڏهن کيس ڪابينا ۾  شامل ڪيو ويو ھو ته پارٽي قيادت کيس سينئر وزير بنائڻ جو يقين ڏياريو ھو جيڪا خواهش کڻي قبر ۾ ھليو ويو.

ھوڏانھن جنرل پرويز مشرف جي صدر جي عھدي تان استعيفا ڏيڻ کان پوءِ سندس جيڪي به ٽي وي انٽرويو سامھون آيا آهن انھن ۾ بينظير ڀٽو جي قتل جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڪنھن کي فائدو ٿيو آهي ته سندس دعويٰ مطابق آصف علي زرداري کي  ٿيو آهي. ضروري ناهي ته جنرل پرويز مشرف جي دعويٰ صحيح ھجي پر ھاڻي جڏھن پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ جي قيادت ڪھڙي نه ڪھڙي طرح سان جنرل پرويز مشرف جي اقتدار جا ڏنگيل ضرور آھن ته ھن وقت اقتدار ۾ پاڻ سان گڏ فضل الرحمان ، اختر مينگل ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي شامل آهن، ھڪ تاريخي فيصلو ڪري بينظير ڀٽو سميت مشرف جي دور ۾ قتل ڪيلن جي جاچ لاءِ اھڙي ڪميشن جي قيام جو اعلان ڪن  جيئن حقيقتون عوام جي آڏو اچي سگهن. باقي ھر سال وانگر ورسي يا سالگرهه جي موقعن کان پھرين رائو انوار جھڙن ڪردارن کي سامهون آڻي تڪراري انٽرويو ڏياري بينظير ڀٽو جي خون سان وفا نه ٿي ڪري سگھجي. اھو خون وڌيڪ تڪراري بڻجندو رھندو ۽ بينظير ڀٽو ڳڙھي خدابخش ڀٽو مان ھڪ ئي سوال ڪندي رهندي ته سندس خون سان ڪير انصاف ڪندو؟